سون ورنيون سوڍيون

سون ورنيون سوڍيون

سون ورنيون سوڍيون

سون ورنيون سوڍيون (ڪتاب): هن ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي. ڪتاب جو انتساب محترمه شهيد بينظير جي نانءُ آهي. هي ڪتاب ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن. جيسي آڏواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتمچنداڻي، تارا ميرچنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلاپرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، بيگم زينت عبدالله چنا، ثميره زرين، خير النساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاهه، سحر امداد، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪل 40 ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، ڪهاڻي، ڪلا ۽ ’سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون‘ عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ‘سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه’ عنوان سان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو. 242 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو